اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 23 سيڪڙو اضافي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي روانگي واپار 2.828 ارب ڊالر جي تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي، حڪومت آءِ ٽي روانگي واپار ۽ ٻاهرئين ملڪ خدمتن جي فراهمي جي لاءِ پاڪستاني ماهرن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران آءِ ٽي شعبي کي سهولتن جي وقت سر ۽ فوري فراهمي سان شعبي جي روانگي واپار ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، خوش آئنده آهي ته آءِ ٽي شعبي سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن حڪومتي پاليسين مان فائدو کڻي روايتي مارڪيٽن سان گڏوگڏ نئين مارڪيٽن ۾ پنهنجون خدمتون برآمد ڪيون. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومتي ٽيم جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ممڪن ٿيو، حڪومت آءِ ٽي روانگي واپار ۽ ٻاهرئين ملڪ آءِ ٽي شعبي ۾ خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني ماهرن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت جي حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون.