اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چار خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته مون سميت پوري قوم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پختي عزم ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.