اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارٽو پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب هڪ اعليٰ سطحي واپاري وفد سان گڏ هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ۽ مضبوط حصيداري تي زور ڏنو. نويڪلائي ۾ ملاقات کانسواءِ ٻنهي وزيرن وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ڌرين واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي جي حفاظت، زرعي ترقي، سائنسي تحقيق، ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعليم سميت اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هنن گڏيل ڳڻتي جي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ ڌيان ڏنو ۽ امن ۽ سلامتي ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. دوري دوران ثقافت (2025 – 2027ع)، آثار قديمه ۽ ثقافتي ورثي ۽ سفارتي پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزائن جي خاتمي جي شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن ۽ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارٽو وزيراعظم ۽ واپار واري وزير سان پڻ ملاقات ڪئي. واپار واري وزير سان گڏجي هن پاڪستان هنگري بزنس فورم جو افتتاح ڪيو جنهن کانپوءِ هڪ نتيجاخيز بي ٽو بي ايونٽ منعقد ٿيو جنهن سان گڏيل تعاون جا اهم موقعا پيدا ٿيا. ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي مضبوط شرڪت گڏيل اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. بيان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيو. ڪامياب دوري ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌندڙ رفتار جي تصديق ڪئي ۽ ايندڙ سالن ۾ توسيعي تعاون جو مضبوط بنياد رکيو.