اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان روس جي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم روس سان پنهنجي لاڳاپن جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ واپار، توانائي، سلامتي، ثقافت، تعليم ۽ عوامي مٽاسٽا تي ٻڌل ڊگهي مدي واري، گهڻ رخي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.