اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل حڪومتي ادارن، عالمي ادارن ۽ حصيدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شريڪ ورڪرز مشڪل حالتن جي باوجود ان موذي مرض جي خلاف جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي محنتي پوليو ورڪرز تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل حڪومتي ادارن، عالمي ادارن ۽ حصيدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، يقيني بڻايو وڃي ته 21 اپريل کان شروع ٿيندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جي ويڪسين پياري وڃي. وزيراعظم پوليو مهم سان گڏوگڏ ٻين خطرناڪ بيمارين جي خلاف مدافعت جي لاءِ معمول جي ويڪسي نيشن جي ملڪ گير فراهمي کي سئو سيڪڙو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليو جي خاتمي جي حوالي سان گراس روٽ ليول تائين آگاهي ۽ ڪميونٽي موبلائيزيشن يقيني بڻائي وڃي، پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شريڪ ورڪرز مشڪل حالتن جي باوجود ان موذي مرض جي خلاف جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي محنتي پوليو ورڪرز تي فخر آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي 21 اپريل کان شروع ٿيندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ان مهم ۾ ساڍا 45 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جي ويڪسين پياري ويندي، ملڪ گير پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ 4 لک 15 هزار پوليو ورڪرز حصو وٺندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي مهم جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن 28 کان 30 اپريل تي مڪمل ڪئي ويندي. ملڪ ۾ گذريل پوليو جي خاتمي وارين مهمن جي نتيجن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته 10 فيبروري 2025ع کان هيستائين ملڪ ۾ هڪ به پوليو جو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جڏهن ته پوليو جي خاتمي واري مهمن جي ڪولڊ چين ٽريڪنگ کي ڊيجيٽل نظام تحت مانيٽر ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، وزيراعظم جي پوليو جي خصوصي نمائنده عائشه رضا فاروق، سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ عالمي حصيدارن جي نمائندن سان گڏوگڏ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.