راولپنڊي-17 اپريل (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن، انهن جي عزت ۽ احترام هر پاڪستاني تي فرض آهي، اڄ جيڪو امن ۽ آزادي اسان کي حاصل آهي، اها انهن ئي بهادر سپوتن جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي. هو پاڪ فوج جي جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي غير معمولي جرئت، بهادري ۽ قوم جي خدمت تي عسڪري اعزاز ڏيڻ جي پر وقار تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن کي اعزازن سان نوازيو. تقريب ۾ اعليٰ عسڪري اختيارين کان سواءِ اعزاز حاصل ڪندڙ جوانن جي گهر ڀاتين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ستاره امتياز (ملٽري) ۽ تمغه بسالت سميت مختلف اعزاز ڏنا ويا. شهيدن کي شهادت کانپوءِ وارا اعزاز ڏنا ويا جيڪي سندن ڪٽنب جي ڀاتين وڏي فخر سان وصول ڪيا. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف شهيدن جي ڪٽنب جي ڀاتين جي صبر ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جا بي مثال جذبا ۽ قربانيون ناقابل فراموش آهن. آرمي چيف پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عزم ۽ استقلال کي ساراهيندي دهشتگردي خلاف جاري آپريشنن ۾ سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪيترائي دهشتگرد حملا ناڪام بڻايا ۽ اهم دهشتگرد ڪمانڊرن کي انجام تائين پهچايو.