اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي)گهرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانيا جي فيٿ ڪميونيٽيز بابت وزير لارڊ واجد خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن سميت ٻه طرفن معاملن، دهشتگردي جي روڪٿام، سيڪيورٽي ۽ ڪراس بارڊر ڏوهن جي روڪٿام سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ۽ گهرو سيڪريٽري خرم آغا به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان برطانيا سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. برطانوي وزير لارڊ واجد خان جي جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ۽ ان واقعي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. برطانوي وزير لارڊ واجد خان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو قدر ڪريون ٿا. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جون عظيم قربانيون عالمي برادري لاءِ مثال آهن. سڄي دنيا ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جي هر طبقي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن.عالمي برادري ان جنگ ۾ بنا دير پاڪستان جو ساٿ ڏي ۽ ان سلسلي ۾ برطانيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو. لارڊ واجد خان پناهگيرن جي منتقلي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي برطانيه پاڪستان جي گهرو وزارت جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته غير قانوني پرڏيهين جي ملڪ واپسي جو سلسلو سٺي طريقي سان جاري آهي، غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي عزت سان واپس سندن وطن موڪليو پيو وڃي. قانوني دستاويز رکندڙ پرڏيهي شهرين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير چيو ته وطن واپسي جي عمل ۾ غير قانوني پرڏيهين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.