اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي گڏيل ميزباني ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي تياري جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي امن آپريشنز جي انڊر سيڪريٽري جنرل جين پيئر ليڪروڪس ۽ آپريشنل سپورٽ بابت سيڪريٽري جنرل اتول کاري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ امن جي ميدان ۾ پاڪستان جي قابل فخر ميراث کي ياد ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ امن مشن جي تياري جو اجلاس گڏيل قومن جي امن ڪاررواين کي موجوده چئلينجز سان هم آهنگ ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.