اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهين، سامونڊي سياحت، لاجسٽڪس، بندرگاهن جي ترقي ۽ بليو اڪانومي ۾ جديد سيڙپڪاري ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن چين جي ناليواري تعميراتي ڪمپني ڪيوانگ ياوڊونگ جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ڪالهه ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سامونڊي ڍانچي جي ترقي خاص طور تي هاءِ وي جي تعمير ۽ پاڻيءَ جي فراهمي جي منصوبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير چين سان پُراڻي ڀائيواريءَ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن جن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وفد کي پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ ۽ گوادر پورٽ جي اسٽريٽجڪ جي اهميت کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته انهن بندرگاهن جي ترقي ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. ملاقات ۾ پورٽ قاسم تي سمنڊ جي پاڻي کي پيئڻ جوڳو بنائڻ لاءِ ڊيسالينيشن پلانٽس لڳائڻ تي خاص ڳالهه ٻولهه ٿي. چيني وفد ان منصوبي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته اهي قدم صنعتي ۽ گهريلو ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وفد جي سربراهه وانگ ياوڊونگ چيو ته سندس ڪمپني پاڪستان جي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار بڻجڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سرمايو آڻڻ جو خواهشمند آهي. چيني وفد جلد فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرڻ ۽ مقامي ڌُرين سان رابطا قائم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي.