اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان هنگري جي سفير بيلا فازيڪاس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارتو جي ايندڙ دوري جو منتظر آهي.