اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ چار پاڪستاني به مارجي ويا آهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته طرابلس ۾ پاڪستاني مشن کان ملندڙ اطلاع تي افسوس ٿيو جيڪا ليبيا ۾ سرت شهر جي ويجهو ٿيندڙ ٻيڙي جي حادثي بابت آهي جنهن ۾ ڪل مارجي ويل 11 ماڻهن مان 4 پاڪستانين جي مارجڻ جي پڻ تصديق ٿي آهي. اسان جو مشن ۽ پرڏيهي آفيس مقامي عملدارن سان گڏجي مارجي ويل پاڪستانين جا لاش حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي پاڪستانين کي موت جي منهن ۾ ڌڪيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهيا آهيون ته جيئن اڳتي اسان جي ماڻهن کي پنهنجي پيارن جا لاش وصول نه ڪرڻا پون.