اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته دنيا کي درپيش غير يقيني حالتن، فني ترقي ۽ عالمي تبديلين جي هن دور ۾ اجتماعي بصيرت، جدت ۽ استقامت سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ”ليڊرز ان اسلام آباد بزنس سمٽ 2025ع“ جي افتتاحي سيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. افتتاحي سيشن ۾ نٽ شيل گروپ جي باني محمد ظفر احسن سميت اقتصادي ماهر، سيڙپڪار ۽ بزنس ڪميونٽي شريڪ هئي.خيبرپختونخوا جي گورنر پنهنجي خطاب ۾ بزنس سمٽ 2025ع منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اهڙن پليٽ فارمن تان اسان کي دنيا جي اڳواڻن کان سکڻ ۽ شرڪت جا موقعا ميسر ايندا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا کي سرگرمين جو مرڪز بڻائي رهيا آهيون. اقتصادي ترقي حڪومتن يا ڪمپنين جي سربراهن جي ذميواري ناهي پر اسان سڀني جو گڏيل سفر آهي جنهن ۾ اسان کي غير يقيني واري صورتحال کي موقعن ۾ بدلائڻو آهي. گورنر پنهنجي خطاب ۾ خيبرپختونخوا جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته هي صوبو صدين کان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا وچ ۾ هڪ پل جي حيثيت رکي ٿو ۽ اڄ به هي علائقو واپار، ثقافت ۽ ترقي لاءِ بي پناهه امڪان رکي ٿو. هن چيو ته امن اسان جي خوشحالي آهي، سيڪيورٽي ۾ بهتري سان معيشت کي به هٿي ملندي آهي. اسان جو صوبو تڪرارن کان متاثر خطو آهي هڪ اڀرندڙ معاشي مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. آخر ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي عالمي برادري کي خيبرپختونخوا ۾ سيڙپڪاري ۽ حصيداري جي دعوت ڏيندي چيوته اچو خيبرپختونخوا کي هڪ اهڙو مثال بڻايون جتي عزم، موقعا ۽ ويزن گڏجي ترقي جون نيون راهون هموار ڪن.