اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ(PIM) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي کيس اداري جي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران هارون اختر مينيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ڪورسز کي پيشيوراڻي ادارن جي استحڪام لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب هنرمند ماڻهو ملڪ جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته تربيتي ادارن ۾ تجربيڪار پروفيشنلز جي موجودگي اعليٰ معيار جي ٽريني پيدا ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. نوجوان نسل لاءِ اڪائونٽنگ، مارڪيٽنگ ۽ فنانس جهڙا مضمون سکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن هو جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هارون اختر اداري کي درپيش مالي خساري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ان مسئلي جي حل لاءِ فوري ۽ موثر قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ترقي لاءِ تربيت بي حد ضروري آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ کي پنهنجي پهچ کي وڌائڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان پروگرام مان فائدو کڻي سگهن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ هن وقت عوامي ٽريننگ پروگرامز، ڪسٽمائيزڊ ڪورسز ۽ پروفيشنل ڊولپمينٽ ٽريننگز فراهم ڪري رهيو آهي، هارون اختر اداري جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون ته جيئن هي ادارو قومي ترقي ۾ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي.