اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايراني حڪومت سيستان صوبي ۾ شهيد ٿيندڙ 8 پاڪستانين جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏي، بجلي جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي سان گهريلو ۽ صنعتي صارفين سميت ٻيا صارفين فائدو کڻندا، ڪوئيٽا – خضدار – قلات روڊ ۽ سکر – حيدرآباد – ڪراچي موٽروي جلد مڪمل ڪئي ويندي، ڪڇي ڪينال جو ٻيو مرحلو تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي صحت هاڻي بهتر آهي ۽ هو گهر منتقل ٿي ويو آهي، سندس مڪمل صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته ايران جي صوبي سيستان ۾ 8 بيگناهه پاڪستانين کي دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ڪيو ويو، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ان معاملي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پنهنجي ايراني هم منصب سان ڳالهه ڪئي آهي، اميد آهي ته ايراني حڪومت قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سزا ڏيندي. هن چيو ته ناڻي واري وزير سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن جي ڀرپور معاونت سان بجلي جي قيمتن ۾ ساڍا 7 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي جنهن سان گهريلو ۽ صنعتي صارفين سميت ٻيا صارفين فائدو کڻندا، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ وڏو چئلينج هو جنهن ۾ اسان سرخرو ٿياسين ۽ قوم کي آخرڪار گڏيل ڪوششن سان عيد جو تحفو ڏنو ويو، ان قدم سان ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ مختلف سببن جي ڪري لاها چاڙها جاري آهن، اڄ 15 اپريل تي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ٿيندڙ گهٽتائي کي صارفين تائين منتقل ڪرڻ بدران ان رقم کي بلوچستان جي سڀ کان اهم رستي اين – 25 (چمن – ڪوئيٽا –قلات – خضدار – ڪراچي شاهراهه) کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو ته جيئن بلوچستان جي عوام کي سفر جي بهترين سهولت ملي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي شاهراهه جي بحالي موٽروي جي معيار تي ڪئي وڃي. هن چيو ته 23 – 2022ع ۾ ان منصوبي جو ڪاٿو اڍائي ارب رپيا هو، هاڻي اهو نظرثاني ٿيل ڪاٿو 300 ارب رپيا آهي. هن چيو ته بلوچستان جي هزارين ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، 70 ارب رپين جو اهو منصوبو آهي جنهن مان 30 سيڪڙو رقم وفاقي حڪومت جڏهن ته 30 سيڪڙو صوبائي حڪومت فراهم ڪندي. هن چيو ته انهي بچت سان ڪڇي ڪينال جو فيز 2 پڻ مڪمل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو جنهن سان بلوچستان صوبي جي سوين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي ۽ صوبي سميت سڄي پاڪستان ۾ خوشحالي ايندي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، جيڪو خصوصي طور تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شريڪ هو، بلوچستان جي عوام جي لاءِ اين – 25 جي بحالي جي منصوبي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي لاءِ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.