اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ٿيندڙ گهٽتائي کي صارفين تائين منتقل ڪرڻ بدران ان رقم کي بلوچستان جي سڀ کان اهم رستي اين – 25 (چمن – ڪوئيٽا – قلات – خضدار- ڪراچي شاهراهه) کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته قومي شاهراهه جي بحالي موٽروي جي معيار تي ڪئي وڃي، انهي بچت سان ڪڇي ڪينال جو فيز 2 به مڪمل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو جنهن سان بلوچستان صوبي جي سوين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي ۽ صوبي سميت سڄي پاڪستان ۾ خوشحالي ايندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم اعلان ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ٿيندڙ گهٽتائي کي صارفين تائين منتقل ڪرڻ بدران ان رقم کي بلوچستان جي سڀ کان اهم رستي اين – 25 (چمن – ڪوئيٽا – قلات – خضدار – ڪراچي شاهراهه) کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو ته جيئن بلوچستان جي عوام کي سفر جي بهترين سهولت ملي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي شاهراهه جي بحالي موٽروي جي معيار تي ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو ته انهي ئي بچت سان ڪڇي ڪينال جو فيز 2 پڻ مڪمل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو جنهن سان بلوچستان صوبي جي سوين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي ۽ صوبي سميت سڄي پاڪستان ۾ خوشحالي ايندي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جيڪو خصوصي طور تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شريڪ هو، بلوچستان جي عوام جي لاءِ اين – 25 جي بحالي جي منصوبي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي لاءِ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي پيٽروليم پراڊڪٽس (پيٽروليم ليوي) آرڊيننس 1961ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ترميم سان قومي اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي حڪومت جي ڊوميسٽڪ سيڪيورٽيز جاري ڪرڻ جي حوالي سان سسٽين ايبل انويسٽمينٽ سڪوڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو فريم ورڪ مقامي طور تي پائيدار سيڙپڪاري جي لاءِ سڪوڪ جاري ڪرڻ جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو جنهن تحت پائيدار ماحوليات ۽ قابل تجديد توانائي جي حوالي سان منصوبن جي فنڊنگ ڪري سگهبي. اهو فريم ورڪ پائيدار ترقياتي هدفن، نيشنلي ڊٽرمنڊ ڪنٽري بيوشنز 2021ع ۽ قومي ايڊيپٽيشن پلان 2023ع جي تڪميل ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان بل کي پارليامينٽ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.