اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ليبيا جي سامونڊي پٽيءَ ويجهو غيرملڪي شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 پاڪستانين سميت 11 ماڻهو مارجي ويا آهن. پرڏيهي وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اوڀر ليبيا ۾ هڪ ٻيڙي جو سانحو پيش آيو آهي جنهن ۾ پاڪستاني شهري به سوار هئا. ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته طرابلس ۾ پاڪستان جي مشن اطلاع ڏني آهي ته غيرملڪي شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙيءَ حروا جي سامونڊي پٽيءَ، سرت شهر (اوڀر ليبيا) ويجهو ٻڏي وئي. پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيم سرت شهر جي دوري دوران ٻاهرئين ملڪين جي 11 لاشن جي بازيابي جي تصديق ڪئي آهي. انهن مان 4 جي سڃاڻپ انهن جي قومي دستاويزن جي بنياد تي پاڪستاني شهرين جي طور تي ڪئي وئي. ٻه لاش اڃا تائين ناقابل سڃاڻپ آهن. سڃاڻپ ٿيل پاڪستاني شهرين ۾ زاهد محمود ولد لياقت علي رهندڙ گوجرانوالا، سمير علي ولد راجا عبدالقدير رهندڙ منديءَ بهاءُ الدين، سيد علي حسين ولد شفقت الحسنين رهندڙ منڊيءَ بهاءُ الدين ۽ آصف علي ولد نذر محمد رهندڙ منڊيءَ بهاءُ الدين شامل آهن. بيان موجب طرابلس ۾ سفارتخانو متاثر پاڪستاني شهرين بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهي ۽ هو مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي جڏهن ته صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ معلومات جي لاءِ فون نمبر 9207887 – 051 ۽ اي ميل: [email protected] تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.