اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته نوجوان آفيسر ملڪ جا سفير ۽ پاڪستان جو روشن مستقبل آهن، سندن محنت ۽ ڪاميابي تي اسان سڀني کي فخر آهي. پاڪستان جي هاڪاري تاثر کي اجاگر ڪرڻ اوهان سڀني جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. گذريل ڏينهن فارن سروس اڪيڊمي ۾ پاس آئوٽ ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڳالهيون ئي سمورن مسئلن جو حل آهن پر دهشتگردن ۽ رياست مخالف عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، انساني حقن جي پاسداري تي ڳالهائيندڙن کي غزه ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي، سفارتڪاري ۾ پارليامينٽ جو ڪردار تمام اهم هوندو آهي. هن چيو ته اسپيڪر جي حيثيت سان هميشه پاڪستان جي هاڪاري ۽ حقيقي تاثر کي اجاگر ڪيو آهي. 2018ع کان 2021ع تائين پاڪستان ۾ سياسي انتقام جو بدترين دور هو، اسپيڪر جي حيثيت ۾ مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن کي پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪيا ۽ سياسي انتقام جي روايت کي بدلايو، افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار هاڻي پاڪستان خلاف استعمال ڪيا پيا وڃن، اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جو حل اوهان جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا بدلجي رهي آهي توهان جي ذميواري آهي ته اوهان جديد گهرجن سان هم آهنگ رهيو. ٻاهرين ملڪن سان رابطن کي هٿي وٺرائڻ سفارتڪارن جي ذميواري آهي.