اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مستونگ ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 3 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ملڪي سلامتي جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.