اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي شمس آباد ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي 3 اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ۽ انسانيت جي دشمن دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته انسانيت جي دشمن دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.