اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي صدر ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ صحيح رُخ تي گامزن آهي، درپيش مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ملڪ هاڪاري اڳڀرائيءَ طرف تيزيءَ سان روان دوان آهي. هن چيو ته ڏينهون ڏينهن ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ سالن ۾ معيشت جي ٽيڪ آف ڪرڻ جو وقت آهي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت کي ڪاميابين تي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ سياسي شراڪت جاري رهندي. خواجه سعد رفيق چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي.