اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جو گرين پاسپورٽ فلسطين ڪاز جو علمبردار آهي، اسان جي پاسپورٽ تي واضح لکيل آهي ته هي پاسپورٽ اسرائيل جي لاءِ ڪارائتو نه آهي، فلسطين مسلمان امت جو گڏيل ڪاز آهي، پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام جي حق ۾ آواز اٿاريندو رهندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته معراج شريف جي برڪتن واري سفر جي شروعات مسجد اقصيٰ کان ٿي هئي ۽ اڄ مسجد اقصيٰ اسان جي راهه ڏسي رهي آهي. هن چيو ته فلسطين جي معاملي تي اسان سڀ متفق آهيون، غزه ۾ معصوم فلسطينين تي ظلم ڪيا پيا وڃن. ان حساس مسئلي تي سياست ۽ پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪندي اسان کي عملي قدمن کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته مون کي اهو فلسطيني ٻار ياد اچي رهيو آهي جيڪو رت ۾ رڱيل پنهنجا آخري ساهه کڻندي چئي رهيو هو ته ”آئون مٿي وڃي حضور ﷺ کي ٻڌائيندس ته ڪنهن به منهنجو آواز نه ٻڌو.“ هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اڄ اسان کي پنهنجي مسئلن کي پٺتي رکي فلسطين جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي ڇو ته هي هڪ گڏيل ڪاز آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستاني پاسپورٽ جي دنيا ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ آهي ڇو ته هي دنيا جو واحد پاسپورٽ آهي جنهن تي واضح لکيل آهي ته ”هي پاسپورٽ اسرائيل جي لاءِ ڪارائتو نه آهي“ اسان کي پنهنجي پاسپورٽ تي فخر آهي، اهو قائداعظم محمد علي جناح جي پاليسي جو تسلسل آهي ۽ اڄ به پاڪستان ان پاليسي تي قائم آهي، اسان اسرائيل کي تسليم نه ٿا ڪريون ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنداسين. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا اسرائيل جي خلاف نسل ڪشيءَ جو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ داخل ڪيو، ان ڪيس جي پاڪستان ڀرپور حمايت ڪئي ۽ پرڏيهي آفيس پاران ان سلسلي ۾ پاڪستان جو موقف پڻ پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته الجزيره ٽي وي فلسطين ۾ ڪيل ظلمن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، ان جا ڪيترائي صحافي فلسطين ۾ شهيد ٿيا پر هن حق ۽ سچ تي ٻڌل پنهنجي رپورٽنگ تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. هو پوري مسلمان امت جو ضمير جاڳائي رهيو آهي ۽ اسان کي ظلم جي حقيقت کان باخبر ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح انداز ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو ۽ واضح ڪيو ته اسرائيل نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حق ۾ آهي جنهن جي گادي وارو شهر بيت المقدس هجي. ان موقف تي اسان اڄ به پوري طرح قائم آهيون. ان مسئلي تي خاموش رهندڙ ماڻهو به انهن ظلمن ۾ برابر جا شريڪ سمجهيا ويندا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان فلسطين سان تعلق رکندڙ 200 کان وڌيڪ ميڊيڪل شاگردن کي تعليم جاري رکڻ جي سهولت فراهم ڪئي جن کي هاسٽل سميت سموريون تعليمي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. اهو پاڪستان جي احساس ذميواري جو ثبوت آهي. هن الخدمت فائونڊيشن کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن سوين ٽن امدادي سامان فلسطين روانو ڪيو. ان حوالي سان اين ڊي ايم اي پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته اردن ۽ مصر ۾ موجود پاڪستاني سفيرن هزارين ٽن امدادي سامان جي پهچ جي لاءِ رستي جو انتظام ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن فلسطيني عوام تائين وڏي پئماني تي امداد پهچائي ۽ ان جي لاءِ غيرمعمولي قدم کنيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڏس ۾ ٽي خصوصي اجلاس گهرايا جن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ موجود سفيرن کي هدايت ڪئي وئي ته امدادي سامان هر صورت ۾ فلسطيني عوام تائين پهچڻ گهرجي. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل جي خلاف نسل ڪشيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ۽ انهن سمورن ملڪن کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن ان ڪيس جي حمايت ڪئي. هن چيو ته فلسطين ڪاز اسان جي لاءِ بقاءَ جو ڪيس آهي، مقدس سرزمين سان اسان جو رشتو روحاني، ديني ۽ نظرياتي آهي ۽ ڪو به پاڪستاني يا مسلمان ان ڪاز سان لاتعلق نه ٿو رهي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ايوان کي اپيل ڪئي ته هو ان مسئلي تي متفقه موقف اختيار ڪري ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي سياست کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته هو اطلاعات واري وزير طور اها ڪوشش ڪندو ته قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جون وڊيوز ميڊيا جي ذريعي فلسطيني عوام تائين پهچن ته جيئن انهن کي يقين ٿئي ته پاڪستان انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته هن ايوان مان فلسطين جي حق ۾ هڪ مضبوط ۽ متفقه آواز وڃڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي پيغام ملي ته پاڪستاني قوم هر حال ۾ فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهي ۽ انشاءَ الله سدائين گڏ رهندي.