اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته اهڙا حج پانڌيئڙا جن جي بايو ميٽرڪ ٿي چڪي آهي انهن جي ويزا ۽ سفري ٽڪيٽ جي دستاويزن جي پرنٽ پاڪ حج ايپ تي دستياب هوندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هن ڀيرا حج پانڌيئڙن کي پنهنجي پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جي ضرورت نه هوندي. بايو ميٽرڪ کانپوءِ انهن جون ويزائون ۽ ٽڪيٽ جا پرنٽ پاڪ حج ايپ تي اپ لوڊ ڪيون وينديون جيڪڏهن ڪنهن کي ان سلسلي ۾ مشڪلاتون درپيش اچن ته هو حج اُڏام کان 2 ڏينهن اڳ پنهنجي لاڳاپيل حاجي ڪيمپ وڃي پنهنجي ٽڪيٽ ۽ ويزا جا پرنٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. هن حج پانڌيئڙن کي چيو ته اهي پنهنجي بايو ميٽرڪ رسيد پاڻ وٽ محفوظ رکن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي تڪليف جو مُنهن نه ڏسڻو پوي.