اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک ڀائرن کي ويساکي جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته هي ڏينهن خوشي ۽ خوشحالي کڻي اچي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ويساکي جي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن نه رڳو فصلن جي تيار ٿيڻ جو اعلان آهي پر هي هڪ تهوار جي طور تي ملهايو وڃي ٿو ڇو ته هي آبادگارن جي لاءِ وڏي خوشي جو وقت هوندو آهي جڏهن اهي پنهنجي محنت جو ڦل حاصل ڪن ٿا. هن چيو ته هي ڏينهن اميد، اتحاد ۽ تجديد جي پائيدار جذبي جي ياد جي طور تي ملهايو وڃي ٿو جيڪو اسان جي برادرين کي متحد ۽ اسان جي قوم جي جوڙجڪ ڪري ٿو. وزيراعظم دعا ڪئي ته ويساکي هر ميدان ۾ خوشحالي، هر دل کي سڪون ۽ پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ترقي آڻي. هن چيو ته اچو اسان ويساکي جي جذبي کان متاثر ٿي هڪ روشن، جامع ۽ مضبوط سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌون.