اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا 15 کان 16 اپريل تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي تياري جي ٽئين اجلاس جي گڏيل ميزباني ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان گڏ حصيداري ۾ اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي سينٽر فار انٽرنيشنل پيس اينڊ اسٽيبليٽي ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي تياري جي ٽئين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس برلن جرمني ۾ هن سال 13 کان 14 مئي تي گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي ايندڙ وزارتي اجلاس جي لاءِ عالمي ڌرين کي ”محفوظ ۽ وڌيڪ موثر امن قائم ڪرڻ طرف: ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ٺوس موقف“ جي موضوع تحت گڏ ڪرڻ جي لاءِ مرحلو طئي ڪندو. گڏيل قومن جي هن ٻه سالا اجلاس ۾ پرڏيهي ۽ دفاع جا وزير امن قائم ڪرڻ جي ڪاررواين کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيندا. اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تياري اجلاس ۾ پاڪستان پاران اعليٰ شخصيتن کانسواءِ گڏيل قومن جا اعليٰ عملدار بشمول امن آپريشنز جو انڊر سيڪريٽري جنرل جين پيئر ليڪروڪس ۽ آپريشنل سپورٽ بابت انڊر سيڪريٽري جنرل اتول کاري شرڪت ڪندو. اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن جي تياري واري اجلاس ۾ امن قائم ڪرڻ جي مستقبل تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ پينل مباحثا ٿيندا جنهن ۾ امن جي ڪاررواين کي درپيش چئلينجز تي غور ڪرڻ جي لاءِ مختلف ذيلي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي جنهن ۾ امن جي مستقبل کي محفوظ ۽ وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو ڪردار، ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي امن فوجين جي حفاظت ۽ سلامتي کي خطرن جو مقابلو ڪرڻ، گڏيل قومن جي امن ڪاررواين جي حمايت ۾ علائقائي ۽ عالمي تنظيمن جي ڪردار، امن فوجين جي موثر ڪارڪردگي ۽ پائيدار امن جي لاءِ هڪ ٺوس موقف شامل آهي. بيان موجب اهو اجلاس گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪرڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪندو، پاڪستان گڏيل قومن کي فوجي تعاون ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ماضي ۾ گڏيل قومن جي 48 مشنز ۾ 235000 امن فوجي مقرر ڪيا آهن جڏهن ته 181 پاڪستاني امن فوجين عالمي امن ۽ سلامتي جي خدمت ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان پاران تياري جي اجلاس جي ميزباني گڏيل قومن جي امن مشن جي لاءِ ان مسلسل وابستگي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ تصور ڪيل امن ۽ سلامتي جي گڏيل فروغ ۾ ان جي ٺوس تعاون جي نشاندهي ڪندي.