اسلام آباد -14 اپريل (اي پي پي) ملائيشيا ۾ پاڪستان جي سفير سيد احسن رضا شاهه چيو آهي، ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جيڪي نه رڳو معاشي استحڪام ۾ مددگار آهن پر پاڪستان جي عالمي وقار ۾ به اضافو ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اوورسيز پاڪستانيز جي پهرين سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اوورسيز ڪنيونشن جا نقطا واکاڻ جوڳا آهن ۽ پاڪستان حڪومت انهن ڪامياب قدمن تي مبارڪن جي مستحق آهي. هن چيو ته ان ڪنوينشن سان نه رڳو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي پر اوورسيز پاڪستانين جا مسئلا به اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪري سگهبا. هن ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ هن وقت اٽڪل 2 لک 30 هزار پاڪستاني مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن جن ۾ تعليم، طب، انجنيئرنگ ۽ ٻيا پيشيواراڻا ميدان شامل آهن. هن چيو ته ملائيشيا نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ وارو هڪ بهترين ملڪ آهي جتي محنتي ۽ تعليم يافته ماڻهن لاءِ ڪيترائي دروازا کليل آهن. هن چيو ته ملائيشيا ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهري اهم ۽ باوقار عهدن تي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن جيڪي پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهن. هن جو چوڻ هو ته ملائيشيا نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪندڙ هڪ بهترين ملڪ آهي. هن چيو ته ملائيشيا ۾ پاڪستانين لاءِ هاءِ ڪميشن جو نادرا ڪائونٽر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.