اسلام آباد -14 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سک برادري کي بيساکي جي ڏڻ جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته بيساکي سک برادري جو خوشين ڀريو ڏڻ آهي. هڪ ٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ سان ڀائيچاري ۽ يڪجهتي کي هٿي ملندي آهي، اسان سڀ بيساکي جي ڏڻ تي سک برادري جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ ان کي اسان گڏجي مضبوط ۽ عظيم بڻائينداسين. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ سک برادري جا مقدس ماڳ موجود آهن، اقليتن کي بنيادي حقن جي فراهمي، سندن جان ۽ مال جو تحفظ ۽ کين ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. پاڪستان جي آئين تحت ملڪ ۾ ترسيل اقليتي برادري کي هتي رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت ٻين مذهبن جي پوئلڳن کي سندن عقيدن مطابق زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. سک برادري جي گوردوارن جي سار سنڀال، سجاوٽ ۽ سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. سک برادري کي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.