اسلام آباد-13 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي
سان آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جي وفد اهم ملاقات ڪئي، وفد ۾
ڪانگريس مين جيڪ برگ مين، ٽام سوزي ۽ جوناٿن جيڪسن شامل هئا. ان
موقعي تي گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ وقتي آمريڪي
سفير نٽالي بيڪر سميت گهرو معاملن وارو سيڪريٽري خرم آغا پڻ موجود هئا.
ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي
وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون
وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جڏهن ته سيڪيورٽي، دهشتگردي جي
خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي
ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته آمريڪا سان مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپا پاڪستان
جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته 30 اپريل تي آمريڪا ۾
پاڪستان ڪاڪس منعقد ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته
پاڪستان دهشتگردي ۽ باقي دنيا وچ ۾ ڀت وانگر بيٺل آهي. هن زور ڀريندي چيو
ته دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي ۽ عالمي برادري کي پاڪستان سان
ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردي جي
خاتمي واري شعبي ۾ انٽيلي جنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حصيداري انتهائي اهم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي بي پناهه قربانين جي عالمي
روشني ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو
دورو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال ڪردار کي اجاگر ڪرڻ
۾ اهم هوندو. گهرو وزير پاڪستان منرلز انويسٽمنٽ فورم 2025ع ۾ آمريڪي
وفد جي شرڪت جي آجيان ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي
هر ممڪن سهولت ۽ مڪمل تحفظ يقيني بڻائيندي. ان موقعي تي گهرو معاملن
واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته جون ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي
جي خاتمي واري ڊائيلاگ، دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون کي
هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آمريڪي ڪانگريس جي وفد چيو ته
دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت
آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي وڏين
صلاحيتن واري ۽ محنتي آهي.