وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ناليواري فنڪار ۽ ڪاميڊين جاويد ڪوڊو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري فنڪار ۽ ڪاميڊين جاويد ڪوڊو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جاويد ڪوڊو جيڪو پنهنجي ننڍي قد ۽ قد آور اداڪاري سبب مشهور هو سندس وفات سان …

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري
فنڪار ۽ ڪاميڊين جاويد ڪوڊو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم
جي درجن جي بلندي ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس
جي پريس ونگ مان جاري تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته
جاويد ڪوڊو جيڪو پنهنجي ننڍي قد ۽ قد آور اداڪاري سبب مشهور هو سندس
وفات سان ميڊيا انڊسٽري ۾ اهڙو خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو شايد ڪڏهن به نه
ڀرجي سگهي. وزيراعظم چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسانجون سموريون
همدرديون مرحوم جاور ڪوڊو جي خاندان سان گڏ آهن