منسڪ-11 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري ماڻهن جي سهولت لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، دنيا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڏانهن راغب ٿي رهي آهي، پاليسي ريٽ، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۾ گهٽتائي سميت معاشي اهڃاڻ هاڪاري طرف وڌي رهيا آهن، اڄ سڄي دنيا اسان جي ان ڪاميابي کي تسليم ڪري رهي آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٽيم گذريل سال دوران درپيش چئلينجن کي جهڙي طرح منهن ڏنو، ماضي ۾ ان جو مثال نٿو ملي. وزيراعظم جي بيلاروس جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ بيلاروس جو صدر پاڪستان جي دوري تي آيو هو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ جي ايم سيز ۽ ڪاروباري سطح تي اجلاس ٿيا، هاڻي وزيراعظم پاڪستان بيلاروس جي دوري تي آيل آهي، ان جو مقصد مختلف ملڪن ۾ دستياب موقعن مان فائدو کڻڻ آهي. اڄ هتي پاڪستان جا 100 ماڻهو بي ٽو بي جي شعبي ۾ آيا آهن ۽ هتي دستياب موقعن کي ڳولي رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان پنهنجون ذاتي ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي پرڏيهي دورن تي پاڻ سان گڏ ڪاروباري وفد وٺي وڃي رهيو آهي، وزيراعظم سان گڏ ويندڙ بزنس ڪميونٽي کي ريگوليٽرز، اعليٰ اختيارين ۽ وزيرن سان رابطا قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اهو پهريو ڀيرو پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. ماضي ۾ ڪجهه پسنديده ماڻهو گڏ ويندا هئا، وفاقي وزير چيو ته هن ڀيري مختلف شعبن مان سئو کان وڌيڪ ڪاروباري ماڻهو هتي موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم گذريل هڪ سال ۾ جنهن جنهن ملڪ ويو آهي هو پاڻ سان گڏ ڪاروباري وفد به وٺي ويو آهي، جتي ڪامياب بي ٽو بي گڏجاڻيون ٿيون آهن، اصل ڪاميابي اها ئي آهي. وزيراعظم پهرين ڏينهن کان اهو ئي چئي رهيو آهي ۽ اڄ دنيا ان ڏانهن راغب ٿي رهي آهي ته ٽيرف جا جيڪي چئلينجز درپيش آهن انهن کي بزنس ڪميونٽي ئي حل ڪندي. اسان پنهنجي بزنس ڪميونٽي جي مدد ۽ ان کي مضبوط ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ تمام گهڻا چئلينج درپيش آهن پر وزيراعظم ۽ سندس ٽيم گذريل سال دوران انهن چئلينجن کي جهڙي طرح منهن ڏنو ماضي ۾ ان جو مثال نٿو ملي. انشاءُ الله هر گذرندڙ ڏينهن وڌيڪ بهتر ٿي رهيو آهي، پاليسي ريٽ، بجلي ريٽ، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ مجموعي طور تي ڪرنسي جي بحالي سميت باقي شين به بهتري نظر اچي رهي آهي. اڄ سڄي دنيا اسان جي ان ڪاميابي کي تسليم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪامياب منرلز ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ آمريڪا، سعودي عرب، ترڪيه سميت مختلف ملڪن کان سيڙپڪار ۽ ڪاروباري ماڻهو آيا، هن چيو ته جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ۽ جيڪي چئلينجز اهن انهن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ معاملا بهتري طرف ويندا.