منسڪ-11 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع واپاري ۽ ڪاروباري موقعا موجود آهن، ٻنهي ملڪن ۾ بزنس فورم وڏي اهم اهميت رکي ٿو، اسان حڪومتي ۽ ڪاروباري سطح تي ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته بيلاروس جي صدر ۽ ميان نواز شريف جو پراڻو تعلق آهي، پاڪستان ۽ بيلاروس جي دوستي مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهي،جنهن جي وزيراعظم کي چڱي ريت خبر آهي، بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران به گرمجوشي جو مظاهرو ڪيو ويو هو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ميان نواز شريف لاءِ بيلاروس جي صدر پنهنجي گهر ڊنر جو انتظام ڪيو. ان سان ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي کي ٽريڊ ۽ ڪامرس ۾ تبديل ڪرڻو آهي، ان حوالي سان بزنس فورم منعقد ٿي رهيو آهي، ان فورم لاءِ گذريل هڪ هفتي کان اسان جا ڪاروباري ماڻهو هتي آيل آهن، سئو ڪمپنيون پاڪستان مان هتي آيل آهن ۽ هتي سئو کان وڌيڪ بيلاروس جون ڪمپنيون انهن سان رابطا قائم ڪري رهيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڏي پئماني تي ڪاروباري سطح تي رابطا ٿي رهيا آهن، اسان وٽ تمام گهڻا موقعا آهن، اسان گورنمينٽ ٽو بزنس ليول، گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ۽ بزنس ٽو بزنس ليول تي رابطن کي وڌائينداسين. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش اها ئي هجڻ گهرجي ته پنهنجي واپاري برادري کي هتي جي ماڻهن سان روشناس ڪرايون، هتي جي مارڪيٽ مان پاڪستان کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو، ان حوالي سان پاڪستان يورپ لاءِ ۽ هن خطي جي ملڪن لاءِ پنهنجي رابطا ڪاري کي هٿي ڏئي فائدو کڻي سگهي ٿو. اميد آهي ته ان سان وزيراعظم جي دوي جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.