ڪوئيٽه-24 مارچ (اي پي پي) بلوچستان حڪومت پاران رياست مخالف پروپيگنڊا ۽ سرگرمين ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ڪالهه بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽيءَ جي صدارت هيٺ انتظامي آفيسرن جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان، آءِ جي پوليس معظم جاه انصاري، گهرو کاتي، ايس اينڊ جي اي ڊي، تعليم کاتي، صحت کاتي، ناڻي کاتي جي سيڪريٽرين، بلوچستان جي سمورن ڊويزن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊي آءِ جيز ۽ ضلعي پوليس آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊيوٽي دوران شهادت ماڻيندڙ جوانن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. اجلاس کي بلوچستان ۾ امن امان ۽ سروس ڊليوري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته رياست مخالف پروپيگنڊا ۽ سرگرمين ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سمورن ڪمشنرن ۽ ضلعي آفيسرن کي وڳوڙي سرگرمين ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏنو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي سطح تي رياست مخالف ڌُرين کي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪري انهن جي ناڪاري سرگرمين تي نظر رکي ويندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته بلوچستان جي هر تعليمي ادارن ۾ قومي ترانو پڙهيو ۽ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. رياست جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سڀني جي ذميداري آهي، هر سرڪاري آفيسر ۽ اهلڪار کي ان تي عمل ڪرڻو پوندو. بلوچستان جي وڏي وزير آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته امن امان جي بحالي حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. صوبي ۾ ڪا به شاهراهه بند نه ٿيندي، هر ضلعي آفيسر پنهنجي علائقي ۾ رياستي رٽ قائم ڪرڻ جو ذميدار هوندو. دهشتگرديءَ خلاف جنگ رياست جي هر اداري ۽ هر فرد جي جنگ آهي جيڪا اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي. هن چيو ته حڪومت پاليسي ڏيندي آهي، عملدرآمد فيلڊ آفيسرن جي ذميداري هوندي آهي. انفرادي ۽ ذاتي سوچ رياست جي پاليسيءَ کان مٿانهين ناهي، ڪوبه آفيسر حڪومت جي پاليسيءَ تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهي ته اهو رضاڪاراڻي بنياد تي عهدي کان ڌار ٿي وڃي. بلوچستان جي وزيراعليٰ چيو ته ڪنهن به سياسي دٻاءُ کان مٿانهين ٿي آئيني ذميواريون پوريون ڪيون وڃن، ڪنهن چيڪ پوسٽ تي ڀتي خوري نه هلندي. هن تنبيهه ڪئي ته اهڙي ڪابه تصديقي شڪايت ملي ته لاڳاپيل ايس ايڇ او يا رسالدار ليويز پنهنجي عهدي تي نه رهندو. رياست مخالف ڌُرين جو سختي سان مقابلو ڪرڻو آهي، آئيني حلف جي پاسداري ضروري آهي، رياست مخالف ڌُرين آڏو ڪڏهن به نه جهڪنداسين، بلوچستان جو ڪلچر روايتن جو امين آهي جنهن ۾ مسافرن ۽ معصوم مزدورن جي قتل جو سوچي به نٿو سگهجي. بلوچ نوجوانن کي لاحاصل جنگ طرف ڌڪيون پيو وڃي جنهن مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هر سطح تي ميرٽ تي کي هٿي ڏئي نوجوانن جو رياست تي اعتماد بحال ڪرڻ آهي. يوٿ پاليسي منظور ٿي چڪي، ضلعي آفيسر مقامي سطح تي نوجوانن کي مثبت سرگرمين طرف راغب ڪن.