اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت شهرين لاءِ سستي ۽ قابل اعتماد توانائيءَ کي يقني بنائيندي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان اهڙو اظهار هن اينگرو ڪارپوريشن جي چيئرمين حسين دائود سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا تلاش ڪرڻ ۽ ان شعبي ۾ درپيش چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حسين دائود جدت ۽ اسٽريٽجڪ تعاون ذريعي پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اينگرو جي عزم کي ورجايو. وفاقي وزير زور ڀريندي چيو ته حڪومت اينگرو پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ڪردار کي ساراهي ٿي. حڪومت شهرين لاءِ سستي ۽ قابل اعتماد توانائيءَ کي يقني بنائيندي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت اهڙين پاليسين تي يقين رکي ٿي جيڪي توانائي جي منصوبن ۾ نجي شعبي جي شرڪت کي هٿي ڏين ٿيون. اينگرو جي وفد پيٽروليم واري وزير طرفان توانائي جي شعبي جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ لاءِ حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اينگرو جو چيف ايگزيويٽو آفيسر احسن ظفر سيد پڻ موجود هو.