اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهم شين جي مارڪيٽ سپلاءِ بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم چيو ته گذريل قدمن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. هن معاشي استحڪام جا فائدا عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.