اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي هٿياربند فوج جي 44 آفيسرن کي فوجي اعزازن سان نوايو. ايوان صدر ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد پروقار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن، سينيئر سرڪاري عملدارن ۽ ايوارڊز حاصل ڪندڙن جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي. هلال امتياز (ملٽري) حاصل ڪندڙن ۾ ايئر مارشل محمد سرفراز، ايئر مارشل ڪاظم حماد، ايئر مارشل شڪيل غضنفر، ميجر جنرل سعيد الرحمان سرور، ميجر جنرل نديم فضل، ايئر وائيس مارشل شڪيل صفدر، ميجر جنرل طاهر مسعود احمد، ميجر جنرل سهيل صابر، ميجر جنرل فواد احمد صديقي، ميجر جنرل ذيشان احمد، ميجر جنرل سهيل الياس، ريئر ايڊمرل محمد حسين سيال، ميجر جنرل سيد مڪرم حسين، ميجر جنرل افتخار احمد ستي، ميجر جنرل غلام شبير ناريجو، ميجر جنرل شاهد پرويز، ميجر جنرل محمد عاصم خان، ميجر جنرل نديم يوسف، ميجر جنرل غلام محمد، ميجر جنرل نُور ولي خان، ميجر جنرل محمد نعيم اختر، ميجر جنرل محمد نديم اشرف، ميجر جنرل نسيم انور، ميجر جنرل عمر احمد شاهه، ميجر جنرل محمد شاهد صديق، ميجر جنرل عديل حيدر منهاس، ميجر جنرل سيد علي رضا، ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان، ريئر ايڊمرل عامر محمود، ميجر جنرل عبدالسميع، ميجر جنرل محمد ياسر الاهي، ريئر ايڊمرل امتياز علي، ميجر جنرل ڪمال انور چوڌري، ميجر جنرل منيرالدين، ميجر جنرل احسن وقاص ڪياني، ميجر جنرل فرخ شهزاد رائو، ميجر جنرل عدنان سرور ملڪ، ميجر جنرل عمر مقبول، ميجر جنرل اظهر ياسين، ريئر ايڊمرل خيبر زمان، ريئر ايڊمرل شفقت حسين اختر، ميجر جنرل ظهير اختر ۽ ميجر جنرل محمود سلطان شامل آهن. ان موقعي تي صدر نيول ايوي ايشن بيس تربت ۾ دهشتگردن سان وڙهندڙ ڪيپٽن سيد امير رضا جي بهادري جي اعتراف ۾ کيس ستاره بسالت سان پڻ نوازيو.