اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماءَ نيوز جي ڊائريڪٽر نيوز حافظ طارق محمود جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ حافظ طارق محمود ۽ ٻين پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حافظ طارق محمود جي والد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. والد جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي، مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 16:04