اسلام آباد -23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي جرئت، قرباني ۽ جمهوريت سان اڻمٽ وابستگي جي علامت هئي، هن آمريت جي ڪاري دوري کي بهادري سان منهن ڏنو، جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد جي قيادت ڪئي. صدر بيگم نصرت ڀٽو جي 96هين سالگره جي موقعي تي ايوان صدر پريس ونگ مان جاري پيغام ۾ پاڪستان جي تاريخ جي عظيم سياسي شخصيت بيگم نصرت ڀٽو کي سندس 96 هين سالگره تي خراج عقيدت پيش ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي جرئت، قرباني ۽ جمهوريت سان اڻمٽ وابستگي جي علامت هئي، هن آمريت جي ڪاري ترين دور کي بهادري سان منهن ڏنو. بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت بحالي جي جدوجهد جي قيادت ڪئي. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو بي پناهه ذاتي ۽ سياسي ڏکيائين کي صبر ۽ وقار سان برداشت ڪيو، پنهنجي مڙس جي ناانصافي تي ٻڌل گرفتاري ۽ شهادت ۽ سياسي انتقام جي بدترين حالتن کي منهن ڏنو. هوءَ پنهنجي عزم ۽ استقلال تي قائم رهي، پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪاري ترين دور ۾ سنڀاليو. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت لاءِ قربانيون ۽ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان بيگم نصرت ڀٽو جي مشن سان پنهنجي وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. الله تعاليٰ بيگم نصرت ڀٽو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.