اسلام آباد -23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته قابل تجديد توانائي کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي ترجيح آهي، شمسي توانائي جي حوالي سان حڪومت جي پاليسي ۽ ترجيحن ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، پاور سيڪٽر ۾ سڌارن سبب عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ رليف فراهم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس پريس ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاور ڊويزن جي معاملن تي اهم جائزه اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته قابل تجديد توانائي کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي ترجيح آهي، هن لاڳاپيل اختيارين کي سولرائيزيشن پاليسي جي حوالي سان عوام ۾ پيدا ٿيل سمورا ابهامن کي حقيقتن ۽ انگن اکرن جي بنياد تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شمسي توانائي جي حوالي سان حڪومت جي پاليسي ۽ ترجيحن ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. وزيراعظم چيو ته جنريشن ڪمپنين جي خاتمي جي حوالي سان سمورا قانوني ۽ ٻيا معاملا جلد طئي ڪيا ويندا. وزيراعظم بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل پيش ڪرڻ جون هدايتون ڪندي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان هڪ جامع ۽ موثر حڪمت عملي تحت پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي. جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. پاور سيڪٽر ۾ سڌارن سبب عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ رليف فراهم ڪنداسين. وزيراعظم توانائي جي شعبي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پاور ڊويزن، آبي وسيلن واري ڊويزن ۽ پيٽروليم ڊويزن ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.