اسلام آباد -23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يوم پاڪستان جي اهم قومي ڏينهن تي سمورن پاڪستانين کي دلي جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان کي باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي تصور ڪيل قوم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ثابت قدمي، اڻٿڪ محنت ۽ هڪ اجتماعي ويزن جي ضرورت آهي. گذريل هڪ سال ۾ اسان پاڪستان جي معيشت کي پائيدار ترقي جي رستي تي آندو جيڪو جرئتمند سڌارن، دانشمند پاليسين ۽ پاڪستاني غيور عوام جي همت ۽ حوصلي ذريعي ممڪن ٿيو، اسان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، سيڪيورٽي آفيسر ۽ اهلڪار پاڪستان جي خودمختياري ۽ استحڪام جي وڏي بهادري سان حفاظت ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان جو ڏهاڙو رمضان المبارڪ ۾ آيو آهي، اهو مهينو روحانيت، نظم و ضبط ۽ ايمان جي عهد جي تجديد جو مهينو آهي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته 23 مارچ جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل طور ياد ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته 85 سال اڳ ان ڏينهن ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي بصيرت رکندڙ مسلمان قيادت هڪ آزاد وطن جو بنياد رکڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم سان متحد ٿي. قائداعظم محمد علي جناح جي متاثر ڪندر قيادت سان رهنمائي حاصل ڪندي، هنن هڪ اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو جتي مسلمان وقار، آزادي ۽ عزت نفس سان رهي سگهن. هن چيو ته 1940ع جي ان تاريخي ڏينهن قرارداد لاهور ان نظرئي کي مستحڪم ۽ مسلمانن جي عزم کي مضبوط ڪيو. ان جي رڳو 7 سالن کان پوءِ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان هڪ آزاد ملڪ طور دنيا جي نقشي تي اڀريو جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن جي اڻمٽ جذبي، استقامت ۽ قرباني جو ثبوت آهي. وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخ دوران پاڪستان جي غير معمولي طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي. هڪ اڀرندڙ قوم سان ايٽمي طاقت تائين، اسان جو سفر استقامت ۽ مضبوط عزم سان طئي ٿيو آهي. پر اڃا تائين اسان جو سفر ختم ناهي ٿيو، اسان کي اڃا هن ملڪ کي وڌيڪ بلندين تي کڻي وڃڻو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي باباءِ قوم محمد علي جناح جي تصور ڪيل قوم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ثابت قدمي، اڻٿڪ محنت۽ هڪ اجتماعي ويزن جي ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل سال ۾ اسان پاڪستان جي معيشت کي پائيدار ترقي جي رستي تي آندو، جيڪو جرئتمنداڻن سڌارن، دانشمنداڻين پاليسين ۽ پاڪستاني غيور عوام جي همت ۽ حوصلي ذريعي مڪمل ٿيو. ناڻي واڌ جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾اضافو ۽ اهم اقتصادي اهڃاڻن ۾ بهتري سان اسان پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪيو ۽ هاڻي وطن عزيز کي ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. عالمي مالياتي ادارا ۽ ريٽنگ ايجنسيون به ان تبديلي کي تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ ان کي ساراهن ٿيون. اسان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سيڪيورٽي آفيسر ۽ اهلڪار پاڪستان جي خودمختياري ۽ استحڪام جي وڏي بهادري سان حفاظت ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اڄ جي ڏينهن اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن وطن عزيز جي حفاظت جي فرضن جي ادائگي ۾پنهنجون جانيون قربان ڪيون. قرباني جي جذبي تي عمل ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اسان جي قوم مضبوط متحد ۽ ڪنهن به چئلينج لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال يوم پاڪستان رمضان المبارڪ ۾ آيو آهي، اهو مهينو روحانيت، نظم و ضبط ۽ ايمان جي عهد جي تجديد جو مهينو آهي، اهو مبارڪ مهينو اسان جي اجتماعي ارادي کي هٿي ڏئي ٿو ۽ قرباني۽ استقامت جي قدرن جي هڪ طاقتور خاطري سان ڪم ڪري ٿو، هي اهي پراڻا اصول آهن جيڪي اسان جي قوم جو بنياد آهن. الله رب العزت طرفان اسان جي قوم کي بي پناه صلاحيتن سان نوازيو ويو آهي ۽ صحيح پاليسين، نيڪ نيتي سان ڪيل ڪوششن ۽ قومي اتحاد سان اسان معاشي خوشحالي حاصل ڪري سگهون ٿا. سماجي انصاف کي برقرار رکي سگهون ٿا ۽ دنيا جي قومن ۾ پنهنجو هو مقام حاصل ڪري سگهون ٿا جنهن جو خواب پاڪستان جي بانين ڏٺو هو. وزيراعظم چيو ته منهنجو يقين آهي، ته قوم به چئلينج ناقابل تسخير آهي ۽ نه ئي ڪا ڏکيائي ايتري وڏي آهي، بس اسان کي پنهنجي مقصد ۾ متحد ٿي پنهنجي نظرين لاءِ پرعزم ٿيڻو آهي. عزم، محنت ۽ گڏيل ويزن سان گڏ اسان هڪ مضبوط، خوشحال ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جاري رکنداسين.