لاهور -23 مارچ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان جا ٻه وڏا چئلينجز معاشي ۽ اقتصادي استحڪام ۽ موسمياتي تبديلي آهي، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط ۽ نتيجي جوڳي اسٽريٽجڪ اڏان پاڪستان اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پلان 29-2024ع سان هم آهنگ هئڻ جي حڪمت عملي جي ضرورت آهي. بزرگ واپاري اڳواڻن ۽ سارڪ چيمبر چيمبر جي اڳوڻي صدر افتخار علي ملڪ سان ڳالهائيندي هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڊگهي مدي واري قومي خوشحالي لاءِ اندسٽري ۽ تعليمي شعبن وچ ۾ تعلق کي مضبوط بڻائڻ، معيشت کي نواڻ جي رستي تي آڻڻ ۽ ماحولياتي پائيداري کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته سندس وزارت پاليسي سڌارن، تحقيقي ترغيبن ۽ اداره جاتي شراڪت ذريعي ان سهڪار کي مضبوط ۽ آسان بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. پروفيسر احسن اقبال ڪاروباري برادري، ملڪ جي اقتصادي ترقي، ماحولياتي لچڪ ۽ صنعتڪاري جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ افتخار علي ملڪ جي اڻٿڪ ۽ شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته هو افتخار علي ملڪ طرفان موڪليل تجويزن کي هميشه ساراهي ٿو ۽ انهن کي اهميت ڏئي ٿو.