حيدرآباد -23 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ضلعي انتظاميه طرفان پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد گدا حسين سومرو جي قيادت ۾ سرڪٽ هائوس حيدرآباد جي لان ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي. جڏهن ته ان موقعي تي پوليس جي جٿي سلامي به پيش ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو صبا، اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه سٽي بابر صالح راهپوٽو سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر به موجود هئا.