اسلام آباد-22 مارچ (اي پي پي) منصوبه بندي، ترقي ۽ خاص اپائن واري وفاقي پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڻي زندگي جو روح آهي ۽ ترقي يافته معيشيتن جو بنياد پڻ آهي.، موسمياتي تبديلين جي ڪري هڪ پاسي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن جو خطرو وڌي رهيو آهي ته ٻئي پاسي پاڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي زراعت، صنعت، توانائي ۽ روز مره جي زندگي کي متاثر ڪري رهي آهي. پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ”اڙان پاڪستان“ جي فائيو ايز ويزن تحت اسان پائيدار ترقي ڏانهن وڌي رهيا آهيون جنهن ۾ ماحول هڪ اهم ٿنڀ آهي. پاڪستان حڪومت پاڻي جي وسيلن جي موثر انتظام لاءِ مربوط قدم کڻي رهي آهي جن ۾ نون ڊيمن جي تعمير، جديد آبپاشي نظام، پاڻي جي ري سائيڪلنگ ۽ سمارٽ واٽر مينيجمينٽ ٽيڪنالوجيز شامل آهن. هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ايڪسپورٽ اورينٽيشن، برابري ۽ توانائي جا هدف پڻ پاڻي جي موثر دستيابي سان جڙيل آهن. توانائي حاصل ڪرڻ، زرعي روانگي واپار ۽ سماجي انصاف سڀ پاڻي جي دانشمنداڻي استعمال سان ممڪن آهن. احسن اقبال عالمي ڏينهن تي قوم کي اپيل ڪئي ته پاڻي جي زيان کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ان کي ذميداري ۽ دانشمندي سان استعمال ڪرڻ گهرجي، گهرن، آفيسن، ڪارخانن ۽ فصلن ۾ پاڻي جي تحفظ کي قومي ذميداري سمجهڻ گهرجي.