جده-22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو پنهنجو چئن ڏينهن جو دورو مُڪمل ڪري واپس وطن روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي مُوجب جده ايئرپورٽ تي مڪي جي گورنر شهزاده سعود بن عبدالله بن جلاوي کيس رخصت ڪيو وزيراعظم 19 مارچ کان 22 مارچ تائين سعودي عرب جو چئن ڏينهن جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپين کي هٿي وٺرائڻ، واپاري تعاون کي وڌائڻ ۽ ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي، وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان مُلاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپين کي مضبُوط بڻائڻ، واپاري تعاون کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ان کانسواءِ وزيراعظم سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير، خالد الفالح ۽ اقتصادي معاملن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس جي سربراهه محمد التجويري سان به مُلاقات ڪئي، جڏهن ته مُلڪ واپس روانو ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم پنهنجي وفد سان گڏ عمري جي ادائگي ڪئي ۽ ملڪي سلامتي لاءِ دعائون ڪيون. وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ، قوم ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ بهتري لاءِ دعائون ڪيون.