مڪو شريف-22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي دوري جي موقعي تي پنهنجي وفد سان گڏ عمري جي ادائگي ڪئي ۽ ملڪي سلامتي لاءِ دعائون ڪيون. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ، قوم ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ بهتري لاءِ دعائون ڪيون.