اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت فعال طور تي اهڙين پاليسين تي عمل پيرا آهي جيڪي سمورن شعبن ۾ موسمياتي عمل کي ٺوس ڪن ٿيون، ريچارج پاڪستان جهڙا پروگرام ماحولياتي نظام کي بحال ڪري رهيا آهن، نيشنل اڊاپٽيشن پلان (2023ع) ۽ نيشنل ڪلين ايئر پاليسي (2023ع) جهڙا قدم هڪ صاف سٿري، وڌيڪ پائيدار مستقبل جي لاءِ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ فراهم ڪن ٿا، قابل تجديد توانائي جي توسيع، پلاسٽڪ جي گند ڪچري ۾ گهٽتائي ۽ ان حوالي سان گرين ملازمتن جي فراهمي ڊگهي مدي واري ماحولياتي ذميواري جو بنياد رکي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ارٿ آور 2025ع جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هر سال ارٿ آور دوران سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو علامتي طور تي پنهنجي استعمال ۾ ايندڙ روشنيون بند ڪن ٿا، ارٿ آور جو مقصد زمين جي حفاظت جي حوالي سان قدم کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ، آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ماڻهن، ڪاروبارن ۽ ڪميونٽيز کي پائيدار طريقن کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائڻ آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود پاڪستان جو ڳاڻيٽو موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو، اسان تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد گرمي جي لهرن ۽ ڊگهي سوڪهڙي کي منهن ڏنو آهي، اهڙا واقعا جيڪي لکين زندگين، غذائي تحفظ، پاڻي وسيلن ۽ بنيادي ڍانچي جي لاءِ خطري جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت فعال طور تي اهڙين پاليسين تي عمل پيرا آهي جيڪي سمورن شعبن ۾ موسمياتي عمل کي ٺوس ڪن ٿيون، ريچارج پاڪستان جهڙا پروگرام ماحولياتي نظام کي بحال ڪري رهيا آهن جڏهن ته نيشنل اڊاپٽيشن پلان (2023ع) ۽ نيشنل ڪلين ايئر پاليسي (2023ع) جهڙا قدم هڪ صاف سٿري، وڌيڪ پائيدار مستقبل جي لاءِ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ فراهم ڪن ٿا، قابل تجديد توانائي جي توسيع، پلاسٽڪ جي گند ڪچري ۾ گهٽتائي ۽ ان حوالي سان گرين ملازمتن جي فراهمي ڊگهي مدي واري ماحولياتي ذميواري جو بنياد رکي آهي جڏهن ته رڳو پاليسيون ئي ڪافي نه آهن، حقيقي تبديلي گهر کان شروع ٿئي ٿي، هر عمل ڀلي ڪيترو ئي ننڍو هجي، هڪ پائيدار سڀاڻي طرف گڏيل رفتار کي مضبوط ڪري ٿو، هن ارٿ آور جيڪو اڄ رات 8:30 تي شروع ٿيندو، اچو هڪ روشن ۽ وڌيڪ پائيدار سڀاڻي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.