اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي)آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اسٽار لنڪ جي رجسٽريشن يقيني بنائي وئي، سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جي منظوري پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ سنگ ميل آهي، سڀني سيڪيورٽي ۽ ريگيوليٽري ادارن جي مشاورت سان اسٽار لنڪ کي عارضي اين او سي جاري ڪئي وئي اهي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه اسٽار لنڪ جي عارضي رجسٽريشن تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي اسٽار لنڪ جي رجسٽريشن يقيني بنائي وئي، وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڊجيتل ترقيءَ طرف گامزن آهي. آءِ ٽي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي انٽرنيٽ نظام جي بهتريءَ لاءِ وڏو قدم کنيو ويو آهي. سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جي منظوري پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ سنگ ميل آهي، وزيراعظم جي هدايت هيئ ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ نظام کي بهتر بنايو وڃي، سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جهڙي جديد حل سان ملڪ ۾ ڪنيڪٽويٽي ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته حڪومت هول آف گورنمينٽ اپروچ تحت سمورن ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو. وفاقي وزير چيو ته سائبر ڪرائيم ايجنسي، سيڪيورٽي ايجنسيز، پي ٽي اي ۽ـ اسپيس اٿارٽي مُک ڪردار ادا ڪيو. سمورن سيڪيورٽي ۽ ريگيوليٽري ادارن جي مشاورت سان اسٽار لنڪ کي عارضي اين او سي جاري ڪئي وئي. هن چيو ته پي ٽي اي اسٽال لنڪ جي فيس ادائگي ۽ ٻين لائسنسنگ ضرورتن کي مڪمل ڪندي، پاڪستان ۾ اسٽار لنڪ جي آمد سان سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جي باقاعده شروعات ٿيندي.