مڪه مڪرمه – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن سان 34.5 ارب رپين جي وڏي رقم قومي خزاني ۾ جمع ٿي جنهن سان صحت، تعليم ۽ ٻيا عوامي ڀلائي جا منصوبا ٺاهيا ويندا، اهڙي طرح جي وڌيڪ قدمن سان اسان پاڪستان کي تمام جلد پاڻڀرو بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي معاشي سڌارن جي ويزن ۽ ايف بي آر جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي نتيجي ۾ ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم فنانس ايڪٽ 2023ع ۾ بئنڪن جي اضافي آمدني (ونڊ – فال آمدني) تي هنيل ٽيڪس جي منع نامي جي ڪيسن جو نوٽيس وٺندي قانون واري وزير، ناڻي واري وزير، اٽارني جنرل ۽ ايف بي آر چيئرمين کي انهن ڪيسن جي پيروي جي لاءِ بهترين ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي. گذريل هڪ مهيني ۾ ٽيم جي ڪوششن جي ڪري اڳ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن سان 23 ارب رپيا جڏهن ته اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن سان 11.5 ارب رپيا ريڪور ڪيا ويا. وزيراعظم قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، ايف بي آر چيئرمين ارشد محمود لنگڙيال، ناڻي واري سيڪريٽري امداد بوصال ۽ سندن ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو، قانون واري وزير، ناڻي واري وزير ۽ اٽارني جنرل جي ٽيم پنهنجي محنت سان تاريخي قدم کي ممڪن بڻايو. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي تخليقي ۽ مضبوط قدمن سان ئي ٽيڪس وصولين ۾ اضافي ۽ معيشت ۾ بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي، 34.5 ارب رپين جي وڏي رقم قومي خزاني ۾ جمع ٿي جنهن سان صحت، تعليم ۽ ٻيا عوامي ڀلائي جا منصوبا ٺاهيا ويندا، الله رب العزت چاهي ته اهڙي طرح جي وڌيڪ قدمن سان اسان پاڪستان کي تمام جلد پاڻڀرو بڻائينداسين.