لاهور-21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهور احمد خان ”ڊجيٽل يوٿ حب“ جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ”ڊجيٽل يوٿ انٽرن شپ پروگرام“ جو ٿيم به جاري ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي راڻا مشهود احمد خان چيو ته ڊجيٽل يوٿ حب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن جو عملي مظهر آهي، جنهن جو مقصد پاڪستاني نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جي موقعن تائين سڌي ريت رسائي ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڊجيٽل يوٿ حب هڪ جديد، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ون ونڊو پليٽ فارم آهي جيڪو سڄي پاڪستان جي نوجوانن کي تعليمي وظيفا، ڊجيٽل مهارتن جي تربيت، ڪيريئر گائيڊنس، روزگار، انٽرنشپس، اسٽارٽ اپ سپورٽ ۽ سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا فراهم ڪندو. هن چيو ته هي قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن جي تڪميل طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي، جنهن تحت نوجوانن کي قومي ترقي جي عمل ۾ فعال حصيدار بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت نوجوانن جي ڀلائي، ترقي ۽ روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ معاشي خودمختياري کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي. ڊجيٽل يوٿ هب ان ڏس ۾ هڪ انقلابي قدم آهي جيڪو نه رڳو شهري پر ٻهراڙي جي علائقن جي نوجوانن لاءِ به هڪجهڙا موقعا پيدا ڪندو. هن وضاحت ڪئي ته ڊجيٽل يوٿ هب ذريعي نوجوانن کي مقامي ۽ بين الاقوامي اسڪالرشپس ۽ گرانٽس فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪو به نوجوان وسيلن جي گهٽتائي سبب اعليٰ تعليم کان محروم نه رهي سگهي. هن چيو ته حڪومت طرفان بنا وياج جي قرضن جي سهولت سان گڏوگڏ سيڙپڪارن سان رابطو قائم ڪرڻ به مدد فراهم ڪئي ويندي ته جيئن نوجوان خودمختيار معاشي ٿنڀن طور اڀرن ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪن. هن چيو ته حڪومت جو هدف 15 لک نوجوانن کي عالمي ليبر مارڪيٽ ۾ موڪلڻ آهي، تنهن هوندي به جون 2025ع تائين شروعاتي مرحلي ۾ 10 لک نوجوانن کي ورڪ پرمٽس فراهم ڪيون وينديون. پرائيويٽ ۽ پبلڪ سيڪٽر جي سهڪار سان 30 هزار انٽرنشپ موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن جن ۾ بلوچستان جي نوجوانن لاءِ خصوصي طور تي 3 هزار انٽرنشپ مختص ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڊجيٽل يوٿ هب تعليم، روزگار، صحت ۽ معيشت جي شعبن ۾ ون ونڊو آپريشن جي طرز تي سهولتون فراهم ڪندو. هي پليٽ فارم مڪمل شفافيت ۽ ميرٽ تي ٻڌل آهي، ته جيئن هر نوجوان بنا فرق جي انهن موقعن مان فائدو کڻي سگهجي.