ڪراچي – 21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دُنيا ۾ مولا علي عه جي شهادت جو ڏهاڙو 21 رمضان ڇنڇر ڏينهن 22 مارچ تي ملهايو ويندو، سنڌ حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، آزاد ڪشمير، راولپنڊي سميت مُلڪ جي مُختلف شهرن ۾ مجلسُون ۽ ماتمي جُلوس برآمد ڪيا ويندا. ان موقعي تي ذاڪرين مولا علي عه جي زندگيءَ جي سلسلي ۾ فضائل ۽ مصائب پيش ڪندا ۽ نوحي خواني ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ مرڪزي جُلوس جي رستي جي نگراني سخت ڪئي وئي آهي، حيدرآباد ۾ مرڪزي جلُوس قدم گاهه مولا علي عه سلام کان برآمد ٿيندو، جڏهن ته بدين، خيرپُور، شڪارپُور، نواب شاهه، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، نوشهروفيروز، ميرپورخاص، دادو، سکر، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ، مٺي سميت سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ مولا علي صه جي شهادت جي ڏهاڙي تي جلُوس برآمد ڪيا ويندا.