اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران 10 خوارج جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن حسنين اختر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن حسنين اختر شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. هن شهيد جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. هن چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي. صدر فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.