اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي وڏن آبي ذخيرن تربيلا ڊيم ۽ چشمه بئراج ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول تي پهچي وئي جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول کان رڳو 8 فوٽ مٿي آهي. واپڊا طرفان دريائن ۾ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌو درياءَ ۾ تربيلا واري هنڌ تي پاڻي جي آمد 17 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 900 ڪيوسڪ، ڪابل درياءَ ۾ نوشهره واري هنڌ تي پاڻي جي آمد 10 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 19 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 19 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم دريا ۾ منگلا واري هنڌ تي پاڻي جي آمد 18 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 600 ڪيوسڪ جڏهن ته چناب دريا ۾ مراله واري هنڌ تي پاڻي جي آمد 13 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1402 فوٽ آهي، جڏهن ته ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1058 فوٽ آهي جڏهن ته ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوت ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.071 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 638.15 فوٽ آهي جڏهن ته بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ آهي.